دمشق(ويب ڊيسڪ) شام جي ريگستاني علائقي ۾ روس ۽ آمريڪي فوجي گاڏين جو ٽڪر ٿيو آهي جنهن ۾ ڪجهه آمريڪي فوجي زخمي ٿيا آهن. ٻنهي ملڪن هڪٻئي تي جارحت جو الزام هنيو آهي. روس جو چوڻ آهي ته 2009 ۾ ٻنهي ملڪن ۾ ٿيل معاهدي جي آمريڪا خلاف ورزي ڪئي آهي.روسي فوج موجب سندن گشتي گاڏي اڳيان آمريڪي فوج رڪاوٽ پيدا ڪئي ۽ آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته روسي فوج سيڪورٽي ايريا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. روسي فوج 2016 کان وٺي شام ۾ موجود آهي ۽ شام جي صدر بشار الاسد جي حامي فورسز جي مدد پئي ڪري ۽ کين تربيت سان گڏ هٿيار به فراهم ڪري رهي آهي. جڏهن ته آمريڪا شامي ڪرد باغين جي حامي آهي جيڪي شامي فوج سان وڙهي رهيا آهن. حزب الله، ايران ۽ روس شامي حڪومت، آمريڪا، ترڪي ۽ سعودي عرب شامي باغين جا حامي آهن. ياد رهي ته پوڻا 2 ڪروڙ جي آبادي واري ملڪ شام ۾ مارچ 2011 کان شروع ٿيل شام ۾ گهرو جنگ ۾ هن مهل تائين پوڻا چار لک کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ 76 لک ماڻهو لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.










