ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): بلديات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ڪاروباري وقت ۾ گهٽتائي بابت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ شام ٿيندي ئي ڪاروبار بند ٿي ويندو آهي تنهنڪري اسان کي به پنهنجيون عادتون بدلائڻ گهرجن. هن چيو ته اسان جي واپارين ڪورونا وبا ۾ پڻ حڪومت سان سهڪار ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته اسان جا ڪاروباري ڀائر هن ڀيري به تعاون ڪندا. هن چيو ته اڳ به واپاري برادري وبا جي صورتحال سبب ڏکائين کي منهن ڏنو هو پر هاڻي معاشي صورتحال آڏو رکي فيصلو ڪرڻو پيو آهي. صوبائي وزير چيو ته قومي مسئلن جي حل لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.










