شاداب خان زخمي پهرين ميچ ۾ شرڪت مشڪوڪ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستاني ڪرڪٽ ٽيم جو نائب ڪپتان شاداب خان پير ۾ موڙو اچڻ سبب زخمي ٿي پيو آهي ۽ 30 آڪٽوبر تي زمبابوي سان ميچ ۾ سندس شرڪت مشڪوڪ ٿي وئي آهي. هن پريڪٽس ميچ ۾ شرڪت به نه ڪئي هئي. پاڪستاني ڪرڪٽ ٽيم لاهور کان راولپنڊي پهچي رهي آهي.ياد رهي ته زمبابوي سان  پاڪستان سان ٽي ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏندي.ٽئي ون ڊي راولپنڊي ۾ 30 آڪٽوبر، پهرين نومبر ۽ 3 نومبر تي کيڏيا ويندا ۽ ٽئي ٽي ٽوئنٽي لاهور ۾ 7، 8 ۽ 10 ڊسمبر تي کيڏيون وينديون. پاڪستان جي ٽيم نومبر جي آخر ۾ نيوزيلينڊ سيريز کيڏڻ لاءِ رواني ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو