ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي کان اهم اعزاز کسي ورتو. شاداب ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو جڏهن هن انگلينڊ خلاف ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ انگلش بيٽسمين هيري بروڪ کي آئوٽ ڪيو. شاداب 84 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 98 وڪيٽون ورتيون آهن، جيڪي ڪنهن به پاڪستاني بالر جي ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون آهن. ان کان اڳ اهو اعزاز اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي وٽ هو، جنهن 98 ميچن ۾ 97 وڪيٽون ورتيون.










