ڪوٽ لالو (باغ علي) فيض گنج ويجهو ڳوٺ رحمت الله چانگ ۾ سڱاوتي تڪرار تان چانگ برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ غلام الله چانگ، مسمات صغريٰ، دودو چانگ، فدا حسين چانگ، ذوالفقار چانگ، نديم چانگ ۽ مير حسن چانگ زخمي ٿي پيا، جن کي فيض گنج رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو. پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ورتي جڏهن ته پوليس موجب ڌُرين ۾ پُراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان ٻيهر جهيڙو ٿيو آهي.










