سکر ۽ گڊو ۾ وچولي ٻوڏ، بندن جي مانيٽرنگ،موڪلون رد

سکر ۽ گڊو ۾ وچولي ٻوڏ، بندن جي مانيٽرنگ،موڪلون رد

سکر/روهڙي (نمائندن وٽان)سنڌو درياهه ۾ بدستور چاڙهه وڌي رهيو آهي ۽ آبپاشي واران ننڍي ٻوڏ کي وچولي ٻوڏ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌو درياھ  ۾ گڊو بئراج  کان پوء سکر بئراج  تي به وچولي سطح جو سيلاب ڊڪليئر ڪيو ويو آهي. پاڻي جي سطح ۾ واڌ جاري آهي ۽ ڪچي جا ڪيترا ئي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. وچولي سطح کان پوء سکر بيراج جا واھ کوليا ويا سيلابي صورتحال سبب آبپاشي اهلڪارن جون موڪلون رد بندن تي پاڻي جو دٻاء وڌي ويو آهي. سکر بئراج  تي پاڻي جي آمد 3 لک 59 هزار 878 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 3 لک 39 هزار 338 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. حفاظتي بندن تي چويهه ڪلاڪ مانيٽرنگ شروع ڪئي وئي آھي. گڊو بئراج تي به وچولي درجي جي سيلابي صورتحال برقرار آھي گڊو بئراج  تي پاڻي جي آمد 4 لک 58 هزار 199ڪيوسڪ ۽ نيڪال 4 لک 51 هزار 471 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آھي آبپاشي ذريعن جو چوڻ آھي ته 30 کان 40 هزار ڪيوسڪ جو وڏو پاڻي جو ريلو ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ گڊو بئراج  ۾ داخل ٿيندو جنهن جي ڪري اتي پاڻي جي اچڻ جي سطح 5 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويندي. ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي مٿاھون وھڪرو ھڪ لک 76ھزار 892 ۽ ھيٺيائو وھڪرو ھڪ لک 76ھزار92ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو