سکر جرڳو،قتل ثابت ٿيڻ تي جتوئي ۽ کوسن مٿان گڏيل 50 ڪروڙ ڏنڊ لاڳو

سکر جرڳو،قتل ثابت ٿيڻ تي جتوئي ۽ کوسن مٿان گڏيل 50 ڪروڙ ڏنڊ لاڳو

سکر (ن س) سکر ۾ جتوئي ۽ کوسا ڌرين وچ ۾ هلندڙ قبائلي تڪرار جي نبيرڻ لاءِ جرڳو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ جتوئي ڌر تي پنج قتل ثابت ٿيڻ تي هڪ ڪروڙ 25 لک رپيا ڏنڊ ۽ کوسا ڌر تي هڪ قتل ثابت ٿيڻ تي 25 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.
جرڳو اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، سردار عبدالرزاق کوسا، اڳوڻي صوبائي وزير عابد خان جتوئي، حاجي ديدار جتوئي ۽ ٻين قبائلي معززن جي سربراهي ۾ ٿيو. ميمبر قومي اسيمبلي سيد خورشيد شاهه پڻ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٺاهه ۽ تڪرار جي نبيري واري عمل ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو