سکر تي وڏي  ٻوڏ،اميد ته شام تائين پاڻي گهٽجي ويندو: شاهه

سکر تي وڏي ٻوڏ،اميد ته شام تائين پاڻي گهٽجي ويندو: شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ سبب هارين کي ٿيل نقصان جو فوري حل ڳولڻ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ خوراڪ جي حفاظت خطري ۾ پئجي ويندي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ سبب آبادگارن کي ٿيندڙ نقصان جو فوري حل ڳولڻ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ ملڪ ۾ خوراڪ جي تحفظ جا سنگين مسئلا پيدا ٿيندا جن کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين بلاول ڀٽو جي تجويز جو نوٽيس ورتو آهي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي ۽ وفاقي سطح تي هڪ ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ صوبن جا نمائندا شامل آهن، جيڪا موجوده صورتحال کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي، مراد علي شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ حڪومت آبادگارن جي مدد لاءِ هڪ پيڪيج تيار ڪيو آهي، جنهن جي تفصيل ايندڙ هفتي سامهون آندي ويندي، هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جو ويزن گڏيل قومن جي سطح تي هڪ فليش اپيل ڪرڻ هو ۽ ڪالهه وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ هن مسئلي تي بحث ڪيو ويو، جنهن تي سنڌ سميت سڀني صوبائي حڪومتن اتفاق ڪيو، هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ جي شروعات ۾ ئي تياريون شروع ڪري ڇڏيون هيون، جنهن ۾ پهرين ترجيح ماڻهن جي جان بچائڻ، بئراجن کي محفوظ بڻائڻ ۽ ڊيمن کي مضبوط ڪرڻ هئي، هن چيو ته گڊو بئراج وٽان ٻوڏ جو وهڪرو گذري چڪو آهي ۽ هاڻي اهو گهٽجڻ شروع ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هن وقت سکر بئراج وٽ وڏي ٻوڏ موجود آهي ۽ اميد آهي ته اڄ اتي به صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي ويندي، وڏي وزير چيو ته هاڻي پاڻي سکر کان ڪوٽڙي ڏانهن وڌي رهيو آهي، جتي چونڊيل نمائندا ۽ آفت جي انتظام جون ٽيمون موجود آهن ته جيئن پاڻي محفوظ طريقي سان گذري سگهي، اڳڪٿي موجب 8 کان 11 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان هو ۽ سنڌ صوبي هن حساب سان پنهنجون تياريون مڪمل رکيون آهن. مراد علي شاهه چيو ته هن موقعي تي، آبپاشي کاتي، آفت جي انتظام، ضلعي انتظاميه، صحت کاتي، لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ مقامي ماڻهن ڀرپور ڪردار ۽ تعاون ادا ڪيو آهي، جنهن لاءِ هو سڀني جو شڪرگذار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو