سکر(جئيرام داس ) سکر بئراج جي 6 دروازن کي مٽائڻ لاءِ مشينري پهچي وئي، بئراج کي پنجن هفتن تائين ٽرئفڪ لاءِ مڪمل طور بند ڪيو ويو هي. ايشيا جي هڪ وڏي نهري نظام سکر بئراج جي خراب ٿيل 6 دروازن کي مٽائڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان ڪراچي شپ يارڊ ڪمپني جي مشينري سکر بئراج تي پهچي وئي آهي. سکر بئراج جي ڪنٽرول روم انچارج انجنيئر عبدالعزيز سومرو موجب دروازا مٽائڻ لاءِ ڪراچي شپ يارڊ جي مڪينيڪل مشينري سکر بئراج تي 2 ڏينهن اڳ پهچي وئي آهي. 39 هين نمبر دروازي کان ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پراڻي زبون ٿي ويل دروازي کي ڪڍڻ کان پهرين پاڻي (وهڪرو) روڪڻ لاءِ عارضي دروازو لڳايو ويو، سلسليوار 39هين نمبر کان 44هين نمبر تائين 6 دروازا تبديل ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته 6 دروازن جي مٽائڻ وارو عمل 31 جنوري تائين جاري رهندو، ايگزيڪيوٽو انجنيئر سکر بئراج فياض حسين شاهه ۽ اسسٽنٽ انجنيئر امير بخش مهر جي نگراني هيٺ ڪراچي شپ يارڊ جا ماهر انجنيئر دروازي واري عمل ۾ شامل هوندا. سکر بئراج جي دروازن مٽائڻ جي سلسلي ۾ بئراج پل تي مڪينيڪل مشينري بيهارڻ سبب سکر بئراج انتظاميا جي درخواست تي پوليس ۽ رينجرز پاران بئراج جي ٻنهي پاسن کان رڪاوٽون وجهي بئراج پل کي ٽرئفڪ لاءِ مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي.










