ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي موجب، سکر، لاڙڪاڻو، نصير آباد ۾ مينهن جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ پنجاب، اپر خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ مينهن پئجي سگهي ٿو. ٻئي طرف، 26 جون کان 24 آگسٽ تائين پاڪستان ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب 798 ماڻهو فوت ۽ 1,074 زخمي ٿيا. رپورٽ موجب، 7001 گهرن کي نقصان پهتو جڏهن ته 5,548 مال مويشي مارجي ويا آهن.فوتين ۾ 203 ٻار، 476 مرد ۽ 119 عورتون شامل آهن.










