لارڊز کانپوءِ سڊني جي ڪرڪيٽ ميدان ۾ به اذان جو پڙاڏو

لارڊز کانپوءِ سڊني جي ڪرڪيٽ ميدان ۾ به اذان جو پڙاڏو

سڊني(اسپورٽس نيوز)آسٽريليا جي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ تي تاريخي لارڊز اسٽيڊيم کانپوءِ اذان گونجي وئي.اڳوڻي ڪپتان يونس جو ڀاءُ ڪمل خان جيڪو هڪ ڪاروباري شخص آهي ۽ ڪرڪيٽ اڪيڊمي هلائيندو آهي، هن سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ عيدالفطر پارٽي جي ميزباني ڪئي.سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ عيد الفطر جي پارٽي دوران مغرب جي نماز دوران اذان ڏئي باجماعت نماز ادا ڪئي وئي.تقريب ۾ اڳوڻي پاڪستاني وقار يونس ۽ آسٽريلوي فاسٽ بالر بريٽ لي سميت ڪيترن ئي مشهور شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.ان حوالي سان آسٽريليا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر زاهد حفيظ چوڌري به سوشل ميڊيا تي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون ۽ چيو ته سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ اذان جي گونج آسٽريليا جي مختلف ثقافتن، عقيدن ۽ نسلن جو حقيقي امتزاج آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو