سڄي ملڪ ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون

سڄي ملڪ ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) نيشنل گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي سبب ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاهور ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جا مختلف علائقا بجلي کان محروم ٿي ويا. آهن ان حوالي سان بجلي واري وزير خرم دستگير ٻڌايو آهي ته سموري ملڪ ۾ بجلي جي بحالي لاءِ رات 10 وڳي تائين ڊيڊ لائين مقرر آهي. اسلام آباد، پشاور ملتان ۽ سکر ۾ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي بجلي جزوي طور تي بحال ڪئي آهي جڏهن ته واپڊا ۽ ڪي اليڪٽرڪ سان بجلي جلد کان جلد بحالي لاءِ رابطي ۾ آهيون ڪوشش آهي ته طئي ڪيل ڊيڊ لائن کان اڳ بجلي بحال ڪئي وڃي. ياد رهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي صبح ساڍي 7 وڳي کان معطل ٿي آهي جنهن سبب ڪراچي، حيدرآباد جي مختلف علائقن جو 99 سيڪڙو حصو بجلي کان محروم آهي. بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون ۽ انٽرنيٽ ۾ به فني خرابي سبب سرڪاري ۽ نجي ادارن جو ڪم تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. جڏهن ته بجلي بند هجڻ سبب موبائيل نيٽ ورڪ جا سنگنل پڻ متاثر ٿيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صرف عدالت جي ڪمري ۾ ئي بجلي ڏني پئي وڃي. جڏهن ته بجلي نه هجڻ سبب نئين درخواست داخل ڪرڻ ۽ تصديق جو عمل پڻ رڪجي ويو آهي. ويريفڪيشن جي لاءِ ڪمپويٽر بند هجڻ سبب ڪيترائي ماڻهو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته اين ٽي ڊي سي جي گڊو کان بلوچستان ويندڙ لائين ۾ خرابي پيدا ٿي آهي جنهن سبب ڊگهي بريڪ ڊائون سان سموري ملڪ ۾ بجلي جي سپلاءِ معطل ٿي آهي. ليسڪو ۾ به سمورا گرڊ اسٽيشن بند ٿي ويا آهن. جن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي انهن ۾ گلستان جوهر، گلشن جمال، راشد منهاس روڊ، رونگي، ملير، قيوم آباد، گذري، ڊفينس، اولڊ سٽي ۽ ٻيا علائقا شامل آهن، ڪي اليڪٽرڪ ذريعن جو چوڻ آهي ته بريڪ ڊائون جو امڪاني سبب نيشنل گرڊ ۾ خرابي آهي، بجلي جي مڪمل بحالي ۾ 5 کان 6 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا سنڌ جي راجڌاني شھر ڪراچي کي پاڻي سپلائي ڪندڙ واٽربورڊ جي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيڻ سبب پمپنگ اسٽيشن بند ٿيڻ سان پاڻي جي بيڪ پريشر سان 72 انچ قطر جي 5 نمبر لائن ڌماڪي سان ڦاٽي پئي حيسڪو ترجمان موجب صبح جو 7 لڳي 35 منٽ تي ريجنل سينٽر پاران حيسڪو کي آگاهي ڏني وئي، 500 ڪي وي سسٽم ۾ ٽرپنگ سبب 78 گرڊ اسٽيشنن کي بجلي فراهمي معطل ٿي وئي، اين ٽي ڊي سي عملو ٽيڪنيڪل فالٽ ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي بجلي جي مين سپلائي ڄامشورو کان ٽرپ ٿيڻ سبب ٺٽي جي مين مڪلي گرڊ اسٽيشن، جهمپير گرڊ اسٽيشن، ساڪرو، پير پٺو، سجاول سميت حيدرآباد ڊويزن جي سمورن گرڊ اسٽيشنز ذريعي فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي دادو، سانگهڙ، ڪنڊيارو، فيض گنج تعلقي ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون سبب سمورا فيڊر صبح کان بند پيل آهن ۽ بجلي نه هئڻ ڪري بجلي تي هلندڙ ڪم ڪار به بند ٿي ويو

پهنجو تبصرو موڪليو