سپر 8 جو شيڊول جاري، ڪير ڪنهن سان ڪڏهن کيڏندو؟

سپر 8 جو شيڊول جاري، ڪير ڪنهن سان ڪڏهن کيڏندو؟

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان جي سپر ايٽ م پهچڻ بعد آءِ سي سي سپر ايٽ مرحلي ۾ ٽيمن جي ميچز جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. 21 فيبروري تي پهرين ميچ ڪولمبو جي پريما داسا اسٽيڊيم ۾ مقامي وقت موجب شام 6.30 وڳي نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان ۾ کيڏيو ويندو. هن مرحلي ۾ هر ٽيم ٽي ٽي ميچز کيڏندي جنهن بعد چار ٽيمون پوائنٽس جي بنياد تي سيمي فائينل ۾ پهچنديون.
22 فيبروري تي ٻه ميچ ٿيندا، هڪ سريلنڪا ۽ انگلينڊ ۾ ٿيندو ۽ بيو ميچ ڀارتي شهر احمد آباد جي نريندرا مودي اسٽيڊيم ۾ ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ کيڏيو ويندو.
23 فيبروري تي ممبئي ۾ ويست انڊيز ۽ زمبابوي وچ ۾ کيڏيو ويندو. 24 فيبروري تي انگلينڊ ۽ پاڪستان ڪينڊي جي پليڪيلي اسٽيڊيم ۾ ميچ کيڏندا. 25 فيبروري تي ڪولمبو۾ سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ جو ميچ ٿيندو.
26 فيبروري تي واحمد آباد ۾ ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريڪا م ميچ ٿيندي. ساڳئي تاريخ تي ٻيو ميچ چنائي ۾ ڀارت ۽ زمبابوي وچ ۾ کيڏيو ويندو.
27 فيبروري تي انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ ڪولمبو ۾ کيڏندا، 28 فيبروري تي سريلنڪا ۽ پاڪستان ڪينڊي ۾ ميچ کيڏندا.
پهرين مارچ تي دهلي ۾ زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريڪا منجهند اڍائي وڳي ميچ کيڏندا، ٻيو ميچ انڊيا ۽ ويسٽ انڊيز ساڍي 6 وڳي ڪولڪتا ۾ ميچ کيڏندا.
پهريون سيمي فائينل 4 مارچ تي ۽ ٻيو سيمي فائينل 5 مارچ تي کيڏيو ويندو. جڏهن ته فائنل ميچ 8 مارچ تي شام ساڍي 6 وڳي کيڏي ويندي.

“سپر 8 جو شيڊول جاري، ڪير ڪنهن سان ڪڏهن کيڏندو؟” هڪ تبصرو

  1. اهو ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته هاڻي سنڌ يار اخبار ايپ جي وسيلي پڙهڻ لاءِ موجود آهي اها وقت جي ضرورت به هئي ته اهڙي معياري اخبار جي لاءِ ڪو پليٽ فارم هجڻ گهرجي اميد آهي ته هن اخبار جي وسيلي سنڌ ئي سنڌ کان ٻاهر رهندڙ کي معياري خبرون تجزيا ۽ اسٽوريز پڙهڻ لاءِ ملندا.

پهنجو تبصرو موڪليو