ڪولمبو (ويب ڊيسڪ)پاڪستان اڄ ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 جي سپر ايٽ مرحلي جي هڪ اهم ميچ ۾ انگلينڊ سان مقابلو ڪندو. قومي ٽيم کي ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ آساني سان پهچڻ لاءِ انگلينڊ کي شڪست ڏيڻ گهرجي.پاڪستان جو نيوزيلينڊ خلاف ميچ برسات سبب رد ٿي ويو ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ڏنو ويو.ٻئي طرف، انگلينڊ هڪ طرفي ميچ کان پوءِ ميزبان سريلنڪا کي 51 رنسن سان شڪست ڏني.










