ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ واضح طور ورهاڱو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته آئين جي بالادستي هجي ۽ اميد آهي ته عدالت صورتحال کي سنجيدگي سان وٺندي جنهن ۾ عمران خان جي گرفتاري کي عمل ۾ آڻڻ تي دفاعي ۽ سول تنصيبات تي حملا ڪيا ويا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي جي سول اسپتال ۾ قائم سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ اينڊو اسڪوپي اينڊ گيسٽرو اينٽرولوجي (SIAG) جي افتتاحي تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن جي ورهاڱي کي 8-7 يا 9-7 ڳڻيو پيو وڃي جيڪا منفرد ڳالهه آهي پر ان جو هڪ وڏو سبب آهي عدالت پاران ڏنل غير آئيني فيصلا هئا جنهن جي نتيجي ۾ بحران جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته 9 مئي 2023 تي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت امن امان جي صورتحال پيدا ڪئي وئي. هن ياد ڏياريو ته ڪراچي شهر ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ملڪ جي ٻين صوبن جي شهرن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هو پر تنهن هوندي شاهراهه فيصل ميدان جنگ بڻيل رهيو جتي هڪ رينجرز چيڪ پوسٽ، هڪ پوليس موبائيل، هڪ سرڪاري بس، ٻن واٽر بورڊ جي بائوزرن سميت سرڪاري توڙي خانگي ملڪيتن کي نقصسان پهچائڻ کان علاوه وڻن کي باهه ڏني وئي. ۽ وڌيڪ چيو ته اسان صورتحال تي ضابطو آندو آهي. مراد علي شاهه چيو ته تشدد ۽ ساڙڻ وارن واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي سي سي ٽي وي ذريعي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، انهن مان ڪجهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڪي غائب آهن، پر اسان کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ ضرور آڻينداسين. هن عدليه تي زور ڏنو ته قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته شرپسندن نه رڳو جناح هائوس (هاڻي ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور) تي حملو ڪيو پر ان کي باهه پڻ ڏني. وڏي وزير چيو ته انهن يادگار فائٽر جهاز کي به باهه ڏني جنهن ذريعي ايم ايم عالم 1965ع جي جنگ ۾ هڪ منٽ ۾ پنج ڀارتي جهاز ڪيرائڻ جو عالمي رڪارڊ قائم ڪيو. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اهو اهڙو بزدلاڻو عمل هو جيڪو هندستاني نه ڪري سگهيو پر اسان جي ڪجهه سياسي ڪارڪنن اهو ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته جيڪو به سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن، قومي يادگارن ۽ اهم تنصيبات کي نقصان پهچائڻ ۾ ملوث هوندو ان کي نه رڳو گرفتار ڪيو ويندو پر ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نيب جي وارنٽ ذريعي رڳو عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو پر پاڪستان جي اڳوڻي صدر، اڳوڻي وزيراعظم ۽ موجوده اسپيڪر (سنڌ اسيمبلي) کي نيب گرفتار ڪيو پر انهن مان ڪنهن به پنهنجي ڪارڪنن جي تنصيبات تي حملو نه ڪيو ۽ نه ئي بسن ۽ پوليس موبائلن کي نه ساڙيو ويو. هن اميد ظاهر ڪئي ته عدليه صورتحال جو نوٽيس وٺندي. ۽ مراد علي شاهه چيو ته ٻڌو آهي ته عدليه ۾ 6 کان 9-7 تائين ورهاڱو پهچي ويو آهي ۽ اميد آهي ته اهو 15 کان به ٻُڙي تائين پهچي ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ملڪ ۾ شفاف ۽ آزاد چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ تي سڄو زور لڳل آهي البته ڪي پي ڪي ۾ ڪير پڇڻ وارو ئي ڪونهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي حڪومت جي نون ترقي ماڻيندڙ ايس پيز تي زور ڀريو آهي ته هو صوبي جي عوام جي خدمت ڪن ۽ امن امان کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ کاتي جي مدد ڪن ڇوته سندن پوليسنگ جو 25 سالن کان وڌيڪ تجربو آهي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ترقي ماڻيندڙ ايس پيز کي رينڪ ڏيندڙ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس پڻ موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير 17 کان 18 گريڊ ۾ ترقيون حاصل ڪندڙ پوليس آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته تجربيڪار ايس پيز جي نئين بيچ سامهون آئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته بهتر ٿيندو ته امن امان، جهيڙن، ڦرلٽ، اغوا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ کي منهن ڏيڻ ۾ سندس تجربن کي استعمال ڪيو وڃي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته انهن نون ترقي ماڻيندڙ ايس پيز کي به جاچ ۽ پوليسنگ جو سٺو تجربو آهي تنهنڪري کين صوبي ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ کاتي جي مدد ڪرڻ گهرجي. چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت چيو ته 4 سالن کانپوءِ ترقيون ڪيون ويون آهن. هن ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي پڻ هدايت ڪئي ته هو ايمانداري سان ڪم ڪن. هن چيو ته 30 ڊي ايس پيز کي ايس پي جي عهدن تي ترقي ڏني وئي آهي. آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ وڏي وزير جي پنهنجي کاتي جي سهڪار ۽ رهنمائي کي ساراهيو. هن چيو ته وڏي وزير پوليس کاتي کي جديد هٿيارن ۽ گيجٽس جي خريداري ۽ سکيا بابت جديد بڻايو آهي. وڏي وزير وزيراعليٰ هائوس ۾ ترقي ماڻيندڙ ايس پيز کي رينڪ ڏيڻ واري تقريب منعقد ڪئي. ان موقعي تي ترقي ماڻيندڙ ايس پيز جا خاندان پڻ موجود هئا. وڏي وزير جي هٿان رينڪ ڏيندڙ ايس پيز ۾ وڏي وزير جو پي ايس او 2 اصغر علي شاهه، ياسين مٺاڻي، ياسين ڪلواڙ، محترمه لبنيٰ ٽوانا، سهيل شاهه، لياقت عباسي، اورنگزيب عباسي، ارباب سومرو، منير عرساڻي، شڪيل سرفراز، شاهنواز ميمڻ، رانا اقبال جاويد، رشيد رند، الله بخش ڍڪڻ، رسول بخش سيال، محمد رياض، اصغر جٽ، منظور پنهور، جمعه خان پنهور، راجا اظهر محمود، ملڪ ايم قاسم، شاهد علي، فرحت ڪمال خان، محمد عارف رانا، فيصل نور ۽ وقار ملهڻ شامل هئا.










