اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ملڪ جي آئيني سياسي صورتحال تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي اڄ ٻيهر ٻڌڻي ڪندي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.ٻئي ٻڌڻي جي صورتحال حالت گذريل ڏينهن ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمرتا بنديال رمارڪس ڏنا ته هو بغير بحث جي اليڪشن ۾ ڪيئن ويا، عدالت هوا ۾ فيصلو نه ڪندي. چيف جسٽس چيو ته اسان کي عدالتي سوالن جا جواب ڏيڻا آهن، اسان به جلد فيصلو ڪرڻ چاهيون ٿا. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته بحث جي اجازت نه ڏيڻ طريقيڪار ۾ نقص آهي جڏهن ته جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا ته بديع النظر ۾ ڊپٽي اسپيڪر جو اختيار استعمال ڪيو جيڪو ڊپٽي اسپيڪر جو اختيار نه هو.










