اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ هڪ اهم قدم کڻي ڇڏيو،سپريم ڪورٽ ۾ اوورسيز لٽيگينٽس فيسليٽيشن سيل قائم ڪيو ويو آهي.اعلاميي موجب اوورسيز پاڪستاني واٽس اپ ۽ آن لائن پورٽل ذريعي درخواست ڏئي سگهندا، ڪيس جي معلومات ۽ فيصلن جون تصديق ٿيل ڪاپيون آن لائن فراهم ڪيون وينديون. اعلامي ۾ چيو ويو آهي ته صرف سپريم ڪورٽ سان لاڳاپيل ڪيس فيسليٽيشن سيل ۾ رجسٽر ڪيا ويندا. سپريم ڪورٽ ۾ جلد ٻڌڻي لاءِ درخواست پڻ سيل ذريعي جمع ڪرائي سگهجي ٿي، سڀ رڪارڊ ڊجيٽل طور تي محفوظ ڪيا ويندا.










