اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)چيف جسٽس آف پاڪستان کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي مبينا خط جي ڪاپي ملي وئي آهي.قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ايوان ۾ اعلان ڪيو ته هو مبينا خط جي ڪاپي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال کي موڪلي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي اسپيڪر جي اعلان کانپوءِ سيڪريٽري اسيمبلي طرفان سيل ٿيل خط جي ڪاپي چيف جسٽس آف پاڪستان کي موڪلي وئي جيڪا سيڪريٽري طرفان چيف جسٽس آف پاڪستان کي ملي وئي. ذريعن موجب مبينا خط جي ڪاپي چيف جسٽس کي جمع ڪرائي ويندي.ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري به ٽوئيٽ ذريعي سپريم ڪورٽ کي خط جي تصديق ڪئي.










