سپريم ڪورٽ ڀٽو جي آئين کي ڦاهي چاڙهيو آهي:راجه رياض

سپريم ڪورٽ ڀٽو جي آئين کي ڦاهي چاڙهيو آهي:راجه رياض

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي ۾ سُپريم ڪورٽ جي 3 رُڪني بئنچ جي فيصلي جو پڙاڏو ٿيو آهي اپوزيشن ليڊر راجا رياض خطاب ڪندي چيو ته 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي هئي، اڄ وري عدالت طرفان شهيد ڀٽو جي آئين کي ڦاهي ڏني وئي آهي هن چيو ته لاڏلي کي رليف ڏيارڻ لاءِ سڄي قوم جي مطالبي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي پ پ ايم اين اي آغا رفيع الله چيو ته عدالتون نٿيون چاهين ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جي عدالتي قتل تان پردو کَڄي هن چيو ته هزارين ماڻهو انصاف لاءِ عدالت سان رابطو ڪندا آهن، هتي توهين عدالت جي خوف کان ڪير نٿو ڳالهائي

پهنجو تبصرو موڪليو