سپريم ڪورٽ پاران اسلام آباد مان قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي يعني سي ڊي اي کي غير قانوني قبضا ۽ تعميرات هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ جوڙيل بينچ نجي شاپنگ مال حد دخلين واري ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت اهڙو حڪم جاري ڪيو. ٻڌڻي دوران چيئرمين سي ڊي اي کي مخاطب ٿيندي عدالت چيو ته توهان اڃان ٻن عهدن تي ويٺا آهيو، عدالت م جمع ڪرايل رپورٽ ۾ عدالتي حڪم جي تعميل م ڪجهه به ناهي لکيل. اهو ٻڌايو ته ماڻهن کي فائدو ڪيئن ٿيندو. چيئرمين سي ڊي اي چيو ته 11 ارب جو بجٽ مليو آهي جيڪو اسلام آباد تي خرچ ٿيندو. جسٽس گلزار چيو ته اها رقم جيڪڏهن عوام جي ڀلي لاءِ استعمال ئي نه ٿين ته ڪهڙو فائدو. هن وڌيڪ چيو ته ايڪسپريس وي تي ويس ته مونکي بيحد مايوسي ٿي ڇو ته هي سهر پلان موجب ناهي رهيو اڌ شهر آهي ته اڌ ڳوٺ بڻايو ويو آهي. هي هڪ خوبصورت شهر هو ۽ پلان موجب تعمير نه ٿيو آهي. عمارتون ٺاهيون وڃن ٿيون جيڪي ڪري پون ٿيون، ڪو نظام ئي ناهي. عدالت چيو ته ملٽي اسٽوري عمارت جي اجازت اوهان ڪيئن ٿا ڏيو ڇا هتي زلزلا نه ايندا آهن. بلڊنگ ڪيترو زلزلو برداشت ڪري سگهي ٿي ان معاملي کي ڪير ڏسندو آهي. سياستدانن جي چوڻ تي اوهان گهڻ ماڙ عمارتن جي اجازت ڏيو ٿا. جسٽس گلزار چيو ته ڪشمير هاءِ وي تي بل بورڊ لڳل آهن جڏهن ته ايرپورٽ کان اسلام آباد ۾ داخلا تائين ڪا لائيٽ ئي ناهي لڳل. چيئرمين چيو ته گذريل هفتي ساين عمارتن جي تعمير جا رولز ٺاهيا آهن جيڪي اڳ ۾ موجود ئي نه هئا. ڪشمير هاءِ وي تي لائيٽس جي ذميواري ميونسپل ڪارپوريشن وارن جي آهي. هن ٻڌايو ته ڪشمير هاءِ وي تي هڪ لک وڻ لڳائي رهيا آهيون ۽ حد دخلين جي ذميوار آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهيون. جسٽس گلزار احمد پڇو ته سروس روڊ کي پلازا وارا پارڪنگ لاءِ ڪيئن ٿا استعمال ڪن. شام جو شاپنگ مال جي چئني پاسي ڏسو ته مڇي مارڪيٽ بڻيل آهي ۽ اسلام آباد ۾ ان جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. چيئرمين چيو ته عدالت درست نشاندهي ڪئي آهي، شاپنگ مال وارن سرڪاري ڄاري ڪٽي موٽر سائيڪلن لاءِ پارڪنگ ٺاهي هئي. عدالت چيو ته دنيا ڀر ۾ ساپنگ مال وارا پارڪنگ جو پنهنجو انتظام ڪندا آهن. ٽاپ سٽي وارو علائقو به ڪچي آبادي آهي ۽ سڙڪون ئي ناهن ۽ صفائي به ناهي. جسٽس گلزار ميئر اسلام آباد کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪشمير هاءِ وي ڪٿي سوڙهو ته ڪٿي ويڪرو آهي ڊپ لڳندو آهي اوهان وٽ بجٽ ۽ 11 هزار ملازم آهن. جنهن تي ميئر چيو ته اسانکي گهرو وزارت ريگوليٽ ٿي ڪري ۽ حصي جا فنڊ به نٿا ملن. عدالت چيرمين اين ايڇ اي کي گذريل حاضري تي نهاچن تي ڇنڊ پٽي ته هن معذرت ڪئي. عدالت چيئرمين سي ڊي اي کي چيو ته اسلام آباد مان عير قانوني قبضا ۽ حد دخليون هٽائي 6 هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو