مداخلت بند ڪريو، سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ ٽوڙيو، قومي اسمبلي

مداخلت بند ڪريو، سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ ٽوڙيو، قومي اسمبلي

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) قومي اسمبلي اتفاق راءِ سان منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بينچ ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٺهراءُ پيپلز پارٽي جي ڪراچي مان چونڊيل ميمبر آغا رفيع الله پيش ڪئي. فوري طور تي اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته ان تي ڪيترن ۽ ڪهڙن ميمبرن جون صحيحون ٿيل آهن. وائيس ووٽ ذريعي منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته بينچ ۾ بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جو ڪو به جج شامل ناهي. سينئر ججن کي نظر انداز ڪري من پسند جونيئر جج بينچ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. هي ايوان سمجهي ٿو ته جيڪو قانون اڃا لاڳو ئي ناهي ٿيو ته ان خلاف ڪيس ڪيئن ٿو ٻڌي سگهجي. قانونسازي پارليمان جو اختيار آهي ۽ سپريم ڪورٽ پاران ڪيس جي ٻڌڻي پارليمان جي ڊومين م مداخلت آهي جيڪا ايوان رد ڪندي ان کي ڪنهن به قيمت تي قبول نه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو