اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وقتي صدر صادق سنجراڻي سپريم ڪورٽ جي ججن جي پگهارن ۾ واڌ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.صادق سنجراڻي ججن جي پگهارن جو آرڊر 2023 جاري ڪري ڇڏيو.حڪم بعد چيف جسٽس آف پاڪستان جي پگهار 12 لک 29 هزار 189 رپيا ماهوار ٿي ويندي.سپريم ڪورٽ جي ججن جي پگهار 11 لک 61 هزار 163 رپيا ماهوار هوندي.2022 جي حڪم نامي موجب چيف جسٽس جي پگهار 10 لک 24 هزار 324 رپيا جڏهن ته جج جي پگهار 9 لک 67 هزار 636 رپيا هئي.










