سپريم ڪورٽ بار مسلم ليگ جي ڌر بڻيل آهي، فواد

سپريم ڪورٽ بار مسلم ليگ جي ڌر بڻيل آهي، فواد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هن وقت تائين اتحاد حڪومت سان آهي، اتحاد جي حمايت به ان ئي سرپرائز جو حصو آهي جنهن جو ذڪر ڪالهه وزيراعظم ڪيو هو. سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت ريفرنس جي ٻڌڻي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اميد آهي ته بينچ آئين ۽ قانون موجب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندي. هن چيو ته ريفرنس جي ٻڌڻي 5 رڪني بينچ خلاف مسلم ليگ ن جي مهم جي مذمت ڪريون ٿا ۽ اسان کي سپريم ڪورٽ تي مڪمل اعتماد آهي ته اها معاملي کي آئين ۽ قانون موجب ڏسندي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ميمبر جي حيثيت سان مون کي بار ايسوسي ايشن جي باڊي بابت ذاتي تحفظات آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ بار مسلم ليگ (ن) جي سبسيڊري بڻيل آهي. انهن کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو