اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي 14 مئي تي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو آهي.ذريعن موجب، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ججن خلاف التوا ۾ پيل شڪايتن جو جائزو وٺندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن اڳوڻن ججن جي خط تي به غور ڪيو ويندو.










