ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سٽي ڪورٽ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ذريعن موجب سٽي ڪورٽ ۾ هڪ شخص جي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ذريعن موجب پوليس فائرنگ ڪندڙ شخص کي حراست ۾ وٺي زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي عورت جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. پوليس ذريعن موجب فائرنگ جو واقعو ذاتي دشمني سبب پيش آيو.










