ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ماڙيپور هاڪس بي روڊ تي سي ٽي ڊي سان مقابلي ۾ زخمي ٿيل دهشتگرد اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. سي ٽي ڊي انچارج مظهر مشواڻي موجب مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ سعيد طور ٿي آهي، جنهن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم القاعده سان هو، مارجي ويل دهشتگرد ڪراچي ۾ دهشتگردي جي رٿابندي ڪري رهيو هو، سندس ساٿي اڳ ئي مارجي چڪا آهن.










