ساهيوال (ويب ڊيسڪ)ساهيوال ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) فيصل آباد روڊ سرور چوڪ وٽ ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم داعش جي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو. سي ٽي ڊي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو، ڊيٽونٽر، اليڪٽرڪ سرڪٽ ۽ نقدي پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.هن چيو ته دهشتگرد جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم داعش سان آهي ۽ سندس سڃاڻپ عثمان سعيد جي نالي سان ٿي آهي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد جھنگ جو رهواسي آهي، جنهن خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ حملن جي وڌندڙ ڪاررواين کي نظر ۾ رکندي سڪيورٽي فورسز ۽ رينجرز سان گڏ انسداد دهشت گردي کاتي ۽ پوليس پاران سڄي ملڪ ۾ دهشتگرد گروپن ۽ ويڙهاڪن خلاف ڪارروايون جاري آهن.










