ڪراچي (اسٽاف رپورٽرِ) سي ٽي ڊي ڪراچي جي علائقي بلوچ ڪالوني پل ويجهو ڪارروائي ڪندي بندش پيل تنطيم جي مبينه دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي سي ٽي ڊي ترجمان مطابق سي ٽي ڊي انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ۾ بندش پيل تنظيم داعش جي اهم دهشتگرد سراج الحق عرف قاري کي گرفتار ڪري ورتو جوابدار وٽان غيرقانوني هٿيار به هٿ آيو آهي جوابدار پنهنجن ساٿين سان گڏجي علائقي مان بندس پيل تنظيم لاءِ چندو گڏ ڪندو رهيو ۽ ان چندي مان پنهنجي تنطيم جي مالي مدد ڪندو هو جوابدار آڪٽوبر 2022 ۾ قائدآباد ۾ هڪ شخص کي قتل به ڪيو هو ترجمان ٻڌايو ته جوابدار جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










