سي او واٽر بورڊ پاران ڪي فور منصوبي کي جلد مڪمل ڪرائڻ جي خاطري

سي او واٽر بورڊ پاران ڪي فور منصوبي کي جلد مڪمل ڪرائڻ جي خاطري

ڪراچي (پ ر ) واٽر بورڊ پاران ڪي فور منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ واپڊا سان مڪمل سهڪار ۽ ڀرپور تعاون ڪيو ويندو، شهرين کي پاڻي جي وڌيڪ بهتر فراهمي جي لاءِ ڪي فور سميت ٻين جاري منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ڪي فور منصوبي بابت اعليٰ سطحي اجلاس دوران ڪيو، اجلاس جي موقعي تي پي ڊي ڪي فور واپڊا عامر مغل، ڊي ايم ڊي پلاننگ محمد ايوب شيخ، ڊائريڪٽر انويسٽمينٽ ڪي ڊبليو ايس ايس آئي پي شڪيل قريشي سميت ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا، سي اي او واٽر بورڊ پاران پي ڊي ڪي فور واپڊا سان گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلائي اسڪيم ڪي فور منصوبي جي پهرئين مرحلي جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڪي فور منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، سي اي او واٽر بورڊ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ واپڊا پاران کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پي ڊي ڪي فور واپڊا کي يقين ڏياريو تہ شهرين کي پاڻي جي بهتر فراهمي جي لاءِ ڪي فور سميت جاري ٻين منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ ڪي فور منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاء واپڊا سان مڪمل سهڪار ۽ ڀرپور تعاون ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو اميد آهي تہ پي ڊي ڪي فور واپڊا عامر مغل پنھنجي صلاحيتن ۽ مھارت سان ڪي فور منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، اجلاس دوران پي ڊي ڪي فور واپڊا جو چوڻ هو تہ واٽر بورڊ سميت ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏجي جلد ڪي فور منصوبي کي مڪمل ڪيو ويندو، ھن سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي سربراهي ۾ واٽر بورڊ انتظاميا پاران شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتري لاءِ ڪيل بيشمار خدمتن کي ساراهيندي کين خراج تحسين پيش ڪندي چيو تہ شهر لاءِ واٽر بورڊ انتظاميا جون خدمتون ساراھ جوڳيون آهن، واضح رهي تہ ڪي فور منصوبو ڪينجهر ڍنڍ درياه سنڌ مان ڪراچي کي روزانو 650 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي جڏھن تہ ڪي فور منصوبي جي پهرين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي شهر کي روزانو 260 ملين گيلن پاڻي فراهم ٿيندو، وفاقي حڪومت پاران ھن منصوبي جي پهرين مرحلي کي تعمير ڪرڻ جي ذميواري واپڊا کي ڏني وئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو