سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي جي گمشدگي خلاف درخواست داخل

سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي جي گمشدگي خلاف درخواست داخل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي جي گمشدگي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.درخواست محمد خان ڀٽي جي پٽ عمر افتخار ڀٽي ايڊووڪيٽ داخل ڪئي آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته محمد خان ڀٽي 6 فيبروري تي مٽياري ڀرسان غائب ٿيو، مٿس تشدد جو خدشو آهي، کيس فوري طور تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ گهرو وزارت کان 10 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو