سيڪريٽري پاور پاران وي وي آءِ پي فيڊرز تي لوڊشيڊنگ جو حڪم

سيڪريٽري پاور پاران وي وي آءِ پي فيڊرز تي لوڊشيڊنگ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ)سڄي ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ سبب سيڪريٽري پاور پنهنجي گهر سميت وي آءِ پي فيڊرز تي لوڊشيڊنگ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور اليڪٽرڪ ڪمپني (ليسڪو) جي ذريعن موجب سيڪريٽري پاور سمورن وي وي آءِ پي فيڊرز تي لوڊشيڊنگ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته هن جي او آر سميت پنهنجن گهرن ۾ لوڊشيڊنگ کان استثنيٰ به ختم ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري پاور چيو ته سڀ ماڻهو برابر آهن ان ڪري انهن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي پر رڳو اسپتالن جي فيڊرز کي لوڊشيڊنگ جي ڇوٽ ملندي.ليسڪو جي بجلي جي طلب 5 هزار ميگاواٽ آهي ٻئي طرف ليسڪو ذريعن جو چوڻ آهي ته ليسڪو ريجن ۾ بجلي جي طلب 5 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته بجلي جو شارٽ فال 400 ميگاواٽ کان وڌي ويو آهي، ليسڪو کي 4600 ميگاواٽ جو ڪوٽا فراهم ڪيو پيو وڃي.ليسڪو لاهور ۾ هڪ کان ٻه ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 3 کان 4 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ شروع ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بجلي جي ڪوٽا ۾ فوري طور واڌ نه ڪئي وئي ته لوڊشيڊنگ جو مدو اڃا به وڌي ويندو. هائيڊرو پاور جي پيداوار 4500 ميگاواٽ کان وڌيڪ ان کان علاوه واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ هائيڊرو پاور جي پيداوار 4500 ميگاواٽ کان وڌي وئي آهي جڏهن ته تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ شروع ٿي وئي آهي. واپڊا ذريعن موجب تربيلا، منگلا، غازي بروٿا ۽ نيلم جهلم سميت سمورا واٽر منصوبا هلندڙ آهن، هلندڙ سيزن ۾ هائيڊرو پاور جي پيداوار 8500 ميگاواٽ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو