ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي پاران پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي هڪ ٻئي روٽ جو افتتاح ٿي ويو. اربع کان گلشن حديد کان ملير ڪينٽ تائين 36 ڪلوميٽر ڊگهي روٽ تي بسن پنهنجو سفر شروع ڪري ڇڏيو. گلشن حديد، پپري، شاھ لطيف ٽائون، قائدا آباد ۽ پسگردائيءَ وارن علائقن جي شھرين کي ٽرانسپورٽ جي جديد ۽ آرام ڏيندڙ سھولت ملي وئي . شھرين پاران خوشي جو اظهار. پهرين ڏينهن روٽ تي 10 بسون هلايون ويون. جڏهن ته روٽ لاءِ ڪل 20 بسون مختص ڪيون ويون آهن. بس سروس جو افتتاح سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ گلشن حديد جي شهرين، پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ نيشنل ريڊيو ٽرانسميشن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ٽرانسپورٽ کاتي واري سيڪريٽري عبدالحليم شيخ چيو ته اسان جي ڪوشش هئي ته پهرين شهر جي مرڪزي علائقن ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪيون. هاڻي ڪراچي جي پسگردائيءَ وارن علائقن ۾ به عوام لاءِ بس سروس فراهم ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ 250 بسون ڪراچي پهچي چڪيون آهن. ٽرانسپورٽ کاتي جو وڏو منصوبو آهي، جنهن تحت وڌيڪ هائبرڊ ۽ اليڪٽرڪ بسون جلد آنديون وينديون، ٻن ٽن سالن ۾ ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جو منظرنامو تبديل ٿي ويندو.










