سيڪريٽري جنرل جا پاڪستان اچڻ تي ٿورائتا آهيون : وزيراعظم

سيڪريٽري جنرل جا پاڪستان اچڻ تي ٿورائتا آهيون : وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن جي مدد تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورائتا آهيون ۽ چيو آهي ته انتونيو گوتريس جو دورو دنيا ۾ انساني المناڪ سانحي بابت آگاهي پکيڙڻ جي لاءِ اهم هو. پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي تعاون جي ضرورت آهي.هن چيو ته هو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو شڪر گذار آهي ته هن ٻوڏ متاثرن جي مثالي مدد ڪئي.وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي شفقت ۽ قيادت جي خوبين مون کي متاثر ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سخت گرمي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو.پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ جي تباهيءَ کي ڏسي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هاڻي هو ٻوڏ متاثرن جي ڏکن جو آواز بڻجي ويو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته دنيا کي ماحولياتي تبديلي جي خطرن تي انتونيو گوتريس جي ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو