ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم ميمڻ اڄ پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس ) هيڊ آفيس گلستان جوهر ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ اي پي اين ايس جي صدر سرمد علي، سينيئر نائب صدر جميل اطهر، نائب صدر شهاب زبيري، جنرل سيڪريٽري ناز آفرين، ٻين عهديدارن ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي مميبرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اي پي اين ايس جي ميمبرن سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري اشتهارن ۽ ان جي واجبات جي ادائيگي جي حوالي سان پنهنجون گذارشون پيش ڪيون. اطلاعات کاتي سيڪريٽري اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي گذارشن کي وڏي توجه ۽ غور سان ٻڌو ۽ چيو ته جنهن ڏينهن کان سيڪريٽري اطلاعات قلمدان جي ذميواريون سنڀلائڻ جي بعد کان تقريبن روز ئي ميڊيا جي دوستن سان پنهنجي آفيس ۾ پڻ مسلسل ملي رهيو آهيان ۽ ميڊيا هائوسز ۾ پڻ ملاقاتون ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان ته جيئن انهن جي مسئلن جو گڏيل صلاح سان حل ڪڍي سگهجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري اطلاعات جي حيثيت سان توهان جي مسئلن جو حل ڪڍڻ منهنجي ذميواري آهي ۽ اسان توهان دوستن جي صلاح مشوري ۽ سهڪار سان گڏ مسئلن جو بهتر حل ڪڍيو ويندو. ان موقعي تي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري ڪجهه مسئلن جي فوري حل ڪرڻ لاءِ موجوده ڊائريڪٽر اشتهارات امتياز علي جويو، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن محمد يوسف ڪابورو ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي کي موقعي تي ئي هدايتون پڻ جاري ڪيون. اجلاس جي آخر ۾ اي پي اين ايس جي ميمبرن اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري جي سهڪار ۽ اي پي اين سي آفيس جو دورو ڪرڻ تي شڪريه ادا ڪيو.










