سيپڪو جي کليل ڪچهري، عوامي مسئلا موقعي تي حل

سيپڪو جي کليل ڪچهري، عوامي مسئلا موقعي تي حل

ڀريا(ن سنڌيار)سيپڪو سکر طرفان عوامي مسئلن جي حل لا۽ ڀرياروڊ ۾  کلي ڪچھري رکي وئي ان موقعي تي سيپڪو عملدارن چيف انجنيئر محمد خان سوھو اي سي احمد خان شيخ ايڪسين نوشھروفيروز ارشاد سيال ۽ ايس ڊي او شھزادو بلوچ ۽ ڪلارڪ غلام شبير لاکو ۽ ٻين عوامي مسئلا ٻڌا جڏھن تـ شھرين واڌو بلن لوڊشيڊنگ سميت ٻين معاملن جون شڪايتون ڪيون. سيپڪو عملدارن پاران موقعي تي ئي عوام جا مسئلا حل ڪندي ڊڊڪشن توڙي واڌو بلن جي سرچارج ختم ڪري ڇڏي.  ان بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي سيپڪو جي چيف انجنيئر محمد خان سوھو اي سي احمد خان شيخ ۽ ايڪيسن ارشاد سيال ٻين چيو تـ چاھين سليمان گرڊ اسٽيشن جي ھلڻ سان گھٽ وولٽيج جون شڪايتون ختم ٿي ويون آھن لوڊشيڊنگ سميت ٻيا مسئلا بـ جلد حل ڪيا ويندا ھنن چيو تـ عوام اسان جو ساٿ ڏي ڪنھن سان بـ زيادتي نـ ٿيندي ۽ بجلي چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو