ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سيپٽمبر ستمگر آهي، آڪٽوبر ۾ اهم فيصلا ٿي ويندا، معاشي حالتون ايتريون خراب آهن جو ڪير سڏ به نه ڏئي ته ماڻهو پاڻ روڊ تي نڪري ايندا اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته انا ۽ ضد کي ڇڏي صاف ۽ شفاف چونڊن جو فيصلو ڪيو وڃي، سياسي ويڙهه ڊگهي ٿي ته غريب جون حالتون ويتر خراب ٿي وينديون اسرائيل سان لاڳاپا ۽ ڀارت سان واپار جو مثال شهباز شريف جي آڊيو ليڪ ۾ اچي ويو آهي، شريف خاندان بنا ڪليئرنس پنهنجي شگر ملن لاءِ انجنيئرز به ڀارت مان گهرائيندو آهي










