ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 250 تان پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار رياض حيدر جو چوڻ آهي ته سيٽ پي ٽي آءِ جي امانت آهي، هو انهن سان ٺڳي نٿا سگهن.اهڙو اظهار رياض حيدر ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي قائد جي نظريي تي قائم آهيون ۽ بيهي رهنداسين.رياض حيدر اهو به چيو آهي ته ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه اينداسين، قائد جي حڪم تي فيصلو ڪنداسين.










