سينيٽ چونڊون هاءِ جيڪ ڪندڙ جمهوريت تي داغ آهن،خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چونڊون هاءِ  جيڪ ڪندڙ جمهوريت تي داغ آهن، اوپن ووٽنگ ئي سينيٽ ۾ هارس ٽريڊنگ روڪڻ جو واحد رستو آهي: وزير اعظم عمران خان جون پارلياماني مامرن واري صلاحڪار بابر اعواڻ سان رابطي دوران ڳالهيون: ذريعن موجب بابر اعواڻ وزير اعظم کي سنڌ اسميبلي ۾ اپوزيشن ليڊر  حليم عادل شيخ تي تشدد بابت آگاهه ڪيو، وزير اعظم پاران حليم عادل شيخ جي گرفتاري تي ڳڻتي ظاهرڪندي چيو ته کانئس انتقام ورتو پيو وڃي. وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته حليم عادل شيخ جي گرفتاري تي قومي اسيمبلي ۾ آواز  اٿاريو ويندو، جيل ۾ کيس دهشتگردن سان گڏ رکيو ويو، جيل ۾ ساڻس اختيار ڪيل رويو برداشت جوڳو نه آهي، سنڌ سرڪار پ پ خلاف آواز اٿارڻ تي حليم عادل شيخ کي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو