سينيٽ چونڊن لاءِ آرڊيننس گهٻراهٽ جو ثبوت آهي،بلاول

سينيٽ چونڊن لاءِ آرڊيننس گهٻراهٽ جو ثبوت آهي،بلاول

ا

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ لاءِ آندل آرڊيننس گهبراهٽ جو ثبوت آهي.حڪومت پنهنجن ايم پي ايز تي ئي به عدم اعتماد ڪري ڇڏيو آهي. ايوان جي چونڊن کي تڪراري بنائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ڊي ايم جي فيصلي تي حڪومت جي گهبراهٽ پوري ملڪ جي سامهون آهي. حڪومت  آرڊيننس ڪڍي اوپن بيلٽ سان چوندون ڪرائڻ چاهي ٿي. حڪومت ڪهڙي به پارٽي سان سنجيده ڳالهيون ناهن ڪيون. حڪومت سپريم ڪورٽ ڏانهن ريفرنس اماڻي ڇڏيو آهي. حڪومت آئيني ترميم جو آرڊيننس سرڪوليشن سان پاس ڪرائي رهي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت عوام کان انهن جو حق ڦرڻ چاهي ٿي. ڪميٽي جي ذريعي معاملو اوچتو ايوان ۾ آندو ويو. تحريڪ انصاف جي ڌانڌلي ڪڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيندي. حڪومت جو آرڊيننس آڻڻ جو مقصد سپريم ڪورٽ تي دٻاءُ وجهڻ آهي.سينيٽ ۾ اوپن بيلٽ معاملي تي صرف پارليامينٽ جو اختيار آهي. حڪومت کي هٽائڻ لاءِ ڪيترائي طريقا موجود آهن. وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ تحريڪ عدم اعتماد جمهوري طريقو آهي اسان پنهنجو جمهوري هٿيار احتجاج طور استعمال ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو