پي ٽي آءِ ميمبر چوي ٿو، منهنجو ووٽ منهنجي مرضي

پي ٽي آءِ ميمبر چوي ٿو، منهنجو ووٽ منهنجي مرضي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ جي سيٽ تي ووٽنگ دوران بائيڪاٽ جي اعلان باوجود پاڪستان تحريڪ انصاف جا 2 ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پهچي ويا. اليڪشن ڪميشن طرفان نااهل قرار ڏنل پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا جي خالي ڪيل سينيٽ جي سيٽ تي سنڌ اسيمبلي ۾ پولنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو ڪم جاري آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي سينيٽ چونڊن لاءِ ووٽنگ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جا ميمبر پارٽي قيادت پاران بائيڪاٽ جي اعلان باوجود ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ ٻاهر پهچي ويا. پي ٽي آءِ ميمبر ديوان سچل ۽ ڪريم بخش گبول سنڌ اسيمبلي پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ياد رهي ته پيپلز پارٽي نثار کهڙو کي سينيٽ جي سيٽ لاءِ نامزد ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف ارسلان تاج کي سينيٽ جي سيٽ لاءِ نامزد ڪيو آهي. ديوان سچل جو چوڻ آهي ته مونکي ووٽ ڏيڻ کان ڪنهن به نه روڪيو هو، پارٽي تي تنقيد ڪندو آهيان ان ڪري اڳ ۾ ئي شوڪاز مليل آهي، مان ووٽ ڏيڻ اسلام آباد کان سيڙجي آيس، منهنجو ووٽ منهنجي مرضي.

پهنجو تبصرو موڪليو