اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي صدارت هيٺ 65 هين دولت مشترڪه پارلياماني ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پارلياماني وفد جي ڪئناڊا جي تازي دوري جي حوالي سان غلط ميڊيا مهم جي سخت مذمت ڪئي آهي. چيئرمين پيمرا کان ميڊيا مهم هلائيندڙ ٽي وي چينلز جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پي ٽي وي هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ جویريه ظفر آحیر جي صدارت هيٺ ٿيو. ڪميٽي چيئرمين پيمرا کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ اجلاس ۾ پيش ٿئي ۽ مٿين ميڊيا مهم هلائيندڙ ٽي وي چينلز بابت رپورٽ پيش ڪري. ڪميٽي پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2021 کي ايم اين اي عظميٰ رياض جي عدم موجودگي سبب رد ڪري ڇڏيو. ڪميٽي موشن پکچرز (ترميمي) بل، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ترميمي) بل 2020 ۽ ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (ترميمي) بل 2020 کي ملتوي ڪري ڇڏيو. ڪميٽي ايم اين اي ناز بلوچ جي سربراهي ۾ ذيلي ڪميٽي ٺاهي جنهن ۾ ايم اين اي ڪرن عمران ڊار، ايم اين اي نديم عباس ۽ ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ شامل آهن. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ارمغان سبحاني، نديم عباس، زيب جعفر، مائيزا حميد، ڪرين عمران ڊار، ذوالفقار علي بهڻ، ناز بلوچ ۽ محمد جمال شرڪت ڪئي.










