سينيئر صحافي جي ننهن قتل، پٽ گرفتار،اهڙوسانحو ڪنهن سان نه ٿي:اياز

سينيئر صحافي جي ننهن قتل، پٽ گرفتار،اهڙوسانحو ڪنهن سان نه ٿي:اياز

اسلام آباد(بيورو) سينيئر صحافي اياز امير جي پٽ کي زال کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب چڪ شهزاد ۾ سينيئر صحافي اياز امير جي ڌيءُ کي گهر ۾ گهڙي قتل ڪيو ويو، اياز امير جي پٽ شاهنواز سندس گهرواري سارا کي قتل ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته اياز امير جي پٽ شاهنواز کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، مقتول ساره جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پمز منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، جيڪي به حقيقتون سامهون اينديون ان کي ٻڌايو ويندو. سينيئر صحافي اياز امير پنهنجي پٽ پاران ڌيءُ جي قتل واري واقعي جي حوالي سان چيو آهي ته اهڙو واقعو ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي، اهو صدمو ڪنهن کي برداشت نه ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار سينيئر صحافي اياز امير شهزاد ٽائون فارم هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.صحافي سندس پٽ بابت سوال ڪيو ته ٻڌايو پيو وڃي ته شاهه نواز شراب پيتو هو. اياز امير جواب ڏنو ته اهو قانوني معاملو آهي، ان بابت ڇا ٿو چئي سگهان؟

پهنجو تبصرو موڪليو