ڀرياسٽي (ن س ) ڀرياسٽي جي سينئر صحافي جو پٽ ۽ اٺين ڪلاس جو شاگرد سکر مان پراسرار نموني گم وارث پريشان ان سلسلي ۾ نينگر جي والد صحافي غلام مرتضي دشتي ٻڌايو ته آءٔ سکر جي ٽاؤن شپ واري علائقي ۾ رھندو آھيان منھنجو پٽ اٺين ڪلاس جو شاگرد آھي واجد مرتضي 5 اپريل تي صبح جو گھران کير وٺڻ لا۽ نڪتو جيڪو واپس ناھي موٽيو ھن ٻڌايو ته حد جي پوليس اسٽيشن سميت ڪافي جڳھن تي سندس ڳولا ڪئي آھي پر سندس ڪو به ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو ھن اعلي اختيارين ڊي آ۽ جي سکر ۽ ٻين وارن وس وارن کان سندس پٽ واجد مرتضي جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي










