سينئر صحافي جو قتل، قاتل جلد گرفتار ٿيندا، پوليس

سينئر صحافي جو قتل، قاتل جلد گرفتار ٿيندا، پوليس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناظم آباد ۾ فائرنگ ڪري سما ٽي وي جي سينيئر پروڊيوسر صحافي اطهر متين کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعو ناظم آباد جي مين شاهراهه تي پيش آيو، جتي موٽرسائيڪل تي سوار جوابدارن ڪار نمبر اي ايڇ ٽي 180 ۾ سوار اطهر متين روڊ تي ڦر ڪندڙ ڦورن جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو ته ڦورن کيس قتل ڪري ڇڏيو. هڪ جوابدارن پستول سان ڪار تي ٽي فائر ڪيا. پوليس موجب فائرنگ ۾ ڪار سوار موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار روڊ ڪراس ڪري ٻئي پاسي کان هڪ ٻئي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي طور ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڪو ثبوت ناهي مليو.ڪراچي پوليس چيف غلام النبي ميمڻ چيو آهي ته سي سي ٽي وي ۾ قاتلن جي ڻشاندهي3 ٿي آهي جلد گرفتار ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو