لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور ۽ ٻين وڏن شهرن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ لڳل سيف سٽي اٿارٽي جون اڌ ڪئميرائون خراب ٿي ويون.ايم ڊي سيف سٽي اٿارٽي جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل ڪمپني جون مشينون ۽ انجنيئر لاهور پهچي ويا آهن.لاهور کي محفوظ بڻائڻ لاءِ لڳ ڀڳ اڌ ڪئميرائون ڊهي پٽ ٿي ويون، 4 سالن دوران 3 وڏا وزير ۽ 6 انسپيڪٽر جنرل پوليس تبديل ٿي ويا، ڪمپني سان معاملا طئي ٿيڻ ۾ دير ٿي ۽ ڪيمرائن جي سار سنڀال نه ٿي سگهي.پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي جي دلچسپي تي ايم ڊي سيف سٽي ڪامران خان معاملو حل ڪري ورتو، ڪيمرائن ۽ سسٽم جي بهتري لاءِ ڪمپني جا انجنيئر ۽ مشينون پهچي ويون آهن.ٽريفڪ مئنيجمينٽ ڪيمرائن کي به جديد ضرورتن مطابق ترتيب ڏنو پيو وڃي، ان ڪري ٽريفڪ جا اي-چالان بند ڪيا ويا آهن.ايم ڊي سيف سٽي اٿارٽي موجب ڪمپني معاهدي موجب 104 رپيا في ڊالر جي حساب سان ڪم ڪندي، فيبروري تائين لاهور ۾ وڌيڪ 700 ڪئميرائون نصب ڪيون وينديون.ذريعن موجب راولپنڊي جي سمارٽ سٽي منصوبي کي سيڪيورٽي ڪيمرائن تائين محدود ڪيو ويو آهي.هي سمارٽ سٽي پروجيڪٽ 2018ع ۾ ٺاهيو ويو هو، جنهن جي لاڳت جو اندازو 9 ارب رپيا لڳايو ويو هو، ڊالر جي قيمت ۾ واڌ سبب اهو منصوبو هاڻي 24 ارب رپيا ٿي ويو آهي.رڳو راولپنڊي ۾ 175 سڪيورٽي ڪيمرائون لڳايون وينديون، جن تي 5 ارب رپيا لاڳت ايندي.اهڙي طرح فيصل آباد ۽ گجرانوالا ۾ 8 ارب روپين جي لاڳت سان رڳو سڪيورٽي ڪيمرائون لڳايون وينديون.ايم ڊي سيف سٽي اٿارٽي موجب ٽنهي شهرن ۾ عمارتن جو گرين اسٽرڪچر تيار آهي، اتي وڌيڪ ڪم شروع ڪيو پيو وڃي، منصوبي کي مڪمل ٿيڻ ۾ 6 مهينا لڳي سگهن ٿا.










