بلاول پٺاڻ / ٽنڊوباگو
سنڌ جي سرزمين صوفي فڪر، سچائي ۽ عوامي احساسن جي امين رهي آهي. هن ڌرتيءَ مان ڪيترائي اهڙا شاعر پيدا ٿيا، جن لفظن وسيلي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪيو. انهن ئي مان هڪ اهم نالو سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جو آهي، جنهن پنهنجي سليس، سادي ۽ دل ۾ لهندڙ شاعريءَ سان لاڙ کان وٺي پوري سنڌ تائين سڃاڻپ ماڻي.
سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 26 نومبر 1939ع تي ديهه ڏاڏاهه، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين (ان وقت حيدرآباد ضلعو) ۾ سيد امام الله شاهه جي گهر جنم ورتو. “ڏاڏاهي” تخلص سندس ڳوٺ جي نسبت سان پيو. سندس تعلق ڪاظمي سيد گهراڻي سان هو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين، جنهن وٽان سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي ٻولين جي سکيا ورتائين. بعد ۾ علمِ عروض ۽ شاعريءَ جي فني تربيت مشهور شاعر محمد خان غنيءَ کان حاصل ڪيائين، جنهن سندس شاعريءَ کي فڪري ۽ فني پختگي عطا ڪئي.
هن نوجوانيءَ ۾ شاعري شروع ڪئي. سندس پهريون مشهور ڪلام “انتظاري ۾ گذاري زندگي ساري اٿم” لاڙ جي فنڪار اسحاق ڪارو مڱڻهار ڳايو، جيڪو تمام گهڻو مقبول ٿيو. اهو واقعو سندس سڃاڻپ جو بنياد بڻيو. ان کان پوءِ سندس شاعري ريڊيو ۽ ٽي وي وسيلي عام ماڻهن تائين پهتي.
مرتضيٰ ڏاڏاهي جي شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻو سادگيءَ ڀريو لهجو، عوامي رنگ ۽ فطرت جي خوبصورتي نمايان نظر اچي ٿي. هن غزل، گيت، وائي، بيت، قطعي، حمد، نعت، منقبت ۽ مناجات سميت ڪيترين صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي، پر ڪافيءَ جي صنف ۾ کيس خاص مهارت حاصل هئي. سندس ڪلام کي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن پنهنجي آواز سان امر ڪيو، جن ۾ عابده پروين، ڍول فقير، سرمد سنڌي، جلال چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترائي راڳي شامل آهن. لڳ ڀڳ ٻه سئو کان وڌيڪ فنڪارن سندس شاعري ڳائي، جنهن ڪري کيس “عوامي شاعر” سڏيو ويو.
ادب سان گڏ صحافت ۾ به سندس نمايان ڪردار رهيو. روزاني “هلال پاڪستان” سميت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مزاحيه ڪالم شايع ٿيندا رهيا. هو پريس ڪلب ٽنڊوالهيار جو باني ميمبر رهيو ۽ بزم مرتضيٰ، وتايو فقير يادگار ڪميٽي ۽ ڏاڏاهي ادبي تنظيم جهڙين علمي ۽ ادبي تنظيمن سان سرگرم وابسته رهيو.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ “زهر و زم زم”، “تون پارس آءٌ لوهه”، “سهڻا سرها گل”، “مان ذرو تون ماهتاب”، “نه هن پاسي نه هن پاسي”، “ڏاڏهيءَ جا ڏوهه هزار” ۽ “چڱو ٿيو اوهان کي به وسري وياسين” شامل آهن. سندس شخصيت ۽ فن بابت ليک “ٿورا نه ٿورا” جي نالي سان پڻ شايع ٿيا.
ادبي ۽ صحافتي خدمتن جي اعتراف طور کيس ڪيترائي اعزاز مليا، جن ۾ سهڻي ميهار گولڊ ميڊل، قلندر لعل شهباز اوارڊ، مهراڻ ڪلچرل اوارڊ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اوارڊ ۽ 23 مارچ 2018ع تي ڏنل قومي اعزاز “تمغهءِ حسنِ ڪارڪردگي” شامل آهن.
15 فيبروري 2021ع تي هو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ٽنڊوالهيار ۾ سندس آخري آرامگاهه موجود آهي، جتي ادب دوست حاضري ڀريندا رهن ٿا.
اڄ سندس ورسيءَ جي موقعي تي اها حقيقت چٽي نظر اچي ٿي ته مرتضيٰ ڏاڏاهي رڳو شاعر نه هو، پر عوامي احساسن جو ترجمان هو. هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڌرتيءَ جي درد، محبت ۽ اميد کي لفظن ۾ سمويو. سندس ڪلام اڄ به واهڻ وستيءَ کان شهرن تائين ڳايو وڃي ٿو ۽ سنڌي ادب ۾ سندس نالو هميشه احترام سان ورتو ويندو.










