سيد محمد شاھ جي آصف زرداري سان ملاقات

سيد محمد شاھ جي آصف زرداري سان ملاقات

دادو(ن س) دادو جي سياسي سماجي شخصيت ۽ ضلع ڪائونسل دادو جي چيئرمين سيد محمد شاھ جي زرداري ھائوس نواب شاھ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين سابق صدر پاڪستان آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ ھن کي عيد مبارڪ ڏني ۽ سيد محمد شاھ پاران پ پ پ قيادت جي ڏنل اھم ذميواري چيئرمين ضلع ڪائونسل ٿيڻ تي پارٽي ٿورا مڃيا, ان کان پوءِ سابق ايم پي اي سيد فصيح شاھ پاران ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ صوبائي وزيرسيد ناصر حسين شاهه سيد فصيح شاھ ايم اين اي سيد غلام مصطفيٰ شاھ موجود هئا وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ سان ايم اين وي ڊرين جا گهارا بند نه ٿيڻ جي پڻ دادو ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سيد محمد شاھ شڪايت ڪئي ۽ دادو جي بنيادي مسئلن بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي,صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ سان لوڪل گورنمينٽ جي مسئلن تي پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادو کي وڌيڪ فنڊز ڏيڻ لاءِ صوبائي وزير کي چيو جنهن تي سيد ناصر حسين شاهه کيس يقين ڏياريو ته چونڊجي آيل چيئرمينن جي مسئلن کي جلد حل ڪبو ,ته جيئن هو پنهنجي حلقن ۾ عوام جي بهتر نموني سان خدمت ڪري سگهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو