اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حريت اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني پنهنجي سڄي زندگي حق خود اراديت جي جدوجهد لاءِ وقف ڪئي، سندس زندگي قرباني ۽ ثابت قدمي جي علامت آهي.مقبوضه ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي چوٿين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀارتي ظلم سندس عزم ۽ حوصلي کي ڊاهي نه ٿو سگهي. هن وڌيڪ چيو ته سيد علي گيلاني جي موقف ڪشميري عوام کي آزادي جي جدوجهد ۾ ثابت قدم رکيو. صدر چيو ته سيد علي گيلاني جو رت هميشه آزادي جي تحريڪ کي زنده رکندو، پاڪستان هر فورم تي ڪشميري عوام جو ڪيس بلند ڪندو رهندو، ڀارتي ظلم ڪشميري عوام جو حوصلو نه ٿو گهٽائي سگهي. آصف علي زرداري اهو به چيو ته ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حق خود اراديت ملڻ گهرجي.










