سيده شهلا رضا ضلعي سينٽرل جي بچٽ بازار جو دورو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو آهي ته سنڌ حڪومت مهانگائي ۽ عوام جي مسئلن کان بخوبي واقف آهي، ان کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي وڏي وزير جي خاص هدايتن تي پوري سنڌ جي مختلف جڳهن تي عوام جي سهولت ۽ مهانگائي کان ڪجهه رليف لاءِ بچت بازاريون لڳايون ويون آهن، جتي عوام کي سستي ۽ معياري شيون ميسر ٿين ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي سينٽرل جي حيدري مارڪيٽ ۾ قائم بچت بازار جي افتتاح ۽ دوري جي موقعي تي عوام ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل ضلعي طحه سليم، ميونسپل ڪمشنر آفاق سعيد، اسسٽنٽ ڪمشنر نارٿ ناظم آباد حازم ڀنگوار، فوڪل پرسن بچت بازار نارٿ ناظم آباد شمعونه صدف ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. صوبائي وزير چيو ته جتي مهانگائي وڌي رهي آهي اتي عوام کي حڪومت کان وڏيون اميدون آهن، ان ڪري اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام کي هر ممڪن رليف ڏنو وڃي ۽ سستي بازارن ۾ عوام کي سستي اگهه کان گهٽ ۾ شيون ملن. هن چيو ته اڇي پوشاڪ وارا ماڻهو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي کان سخت پريشان آهن، هي اهو طبقو آهي جيڪو ڏکي وقت ۾ ڪنهن جي به مدد لاءِ هٿ ڦهلائي نٿو سگهي، اهي اسان جي وچ ۾ آهن، ان ڪري اسان کي پنهنجي آس پاس اهڙن سفيد پوش ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪي به هن نيڪ ڪم ۾ حصو وٺي رهيا آهن اهي خراج تحسين جا مستحق آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت اٽي تي سبسڊي ڏني آهي، هاڻي اها دڪاندارن جي ذميواري آهي ته اهي ڏنل اگهه تي عوام کي سهولت ڏين. ان کان اڳ صوبائي وزير سيده شهلا رضا بچٽ بازار جي مختلف اسٽالن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ اسٽالن تي وڪرو ٿيندڙ شين جي اگهن جو پڻ جائزو ورتو. ان موقعي تي ماڻهن سستيون مارڪيٽون لڳائڻ تي حڪومت جو شڪريه ادا پڻ ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو