سياسي گرفتاريون ٿيون ته پي ٽي آئي جي سموري قيادت جيل ۾ هوندي: مريم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري جي گرفتاري کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته فواد چوڌري جي گرفتاري سياسي ناهي، سياسي گرفتاريون عمران خان جي دور ۾ ٿيون، سندس دور ۾ وزير گرفتارين کان اڳ گرفتارين بابت پريس ڪانفرنسون ڪندا هئا.مريم اورنگزيب چيو ته فواد چوڌري خلاف سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن طرفان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، اسان جي حڪومت ۾ 9 مهينا ٿي ويا آهن ۽ تحريڪ انصاف ڳالهائي رهي آهي، عمران خان جي دور ۾ ڌيءَ کي پيءُ جي سامهون گرفتار ڪيو ويو. اهو سياسي انتقام هو، شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ويو، سندس ڌيءَ جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو. وفاقي وزير چيو ته عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته لڪير ڪٿي ڇڪي، پارٽي جي ٽوئيٽر اڪائونٽس تان پاڪ فوج خلاف مهم شروع ڪئي وئي، هو آئيني ادارن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن اسان جي ليڊر خلاف فيصلو ٿيو ته ڌرڻو هنيو ويندو. جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو، جيڪڏهن ڪنهن کي اجازت آهي ته ادارن کي ڌمڪيون ڏئي ته سڀني کي اهو حق ملڻ گهرجي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي دور ۾ صحافين کي کنيو ويو، پيٽ ۾ گوليون هنيون ويون، هنن ميڊيا کي ڌمڪيون ڏنيون، گاريون ڏنيون، جيلن ۾ وڌو، نهال هاشمي جي سزا بابت عمران خان خوشيءَ سان ٽوئيٽ ڪيو هو، نهال هاشمي جو بيان اسان جي پارٽي پاران به مذمت ڪئي وئي، عيد جي ڏينهن فريال ٽالپر کي اسپتال مان ڪڍي جيل ۾ وڌو ويو، راڻا ثناءُ الله تي 20 ڪلو هيروئن هٿ آئي، نه ته اهو ٿيلو مليو نه هيروئن، اسان جا سمورا ماڻهو پنهنجا عدالتن ۾ڪيس وڙهن.

پهنجو تبصرو موڪليو